ڊائريڪٽر ڪرن اسپتال ڊاڪٽر شازيه ٻڌايو ته هي آگاهي پروگرام ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. تقريب جي خاص مهمان مشهور اداڪارا زيبا شهناز مرض جي جلد تشخيص تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا کي گهرجي ته هو ان کان بچاءُ لاءِ متحرڪ ۽ موثر ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ائٽمي انرجي ڪينسر اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شازيه فاطمه چيو ته هر سال آڪٽوبر جو مهينو سڄي دنيا ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي واري مهيني طور ملهايو ويندو آهي. اڄ اسان هن نيڪ مقصد ۾ حصو وٺڻ لاءِ AECH ۾ هي واڪ ۽ آگاهي پروگرام منعقد ڪيو آهي. اها سرگرمي هر سال ڪئي ويندي آهي . جنهن جو مقصد ميموگرافي ذريعي ماڻهن کي مرض جي جلد تشخيص بابت آگاهي ڏيڻ آهي. اسان هن مهيني مفت اسڪريننگ ميموگرافي پيش ڪري رهيا آهيون 40 کان مٿي عورتن کي جيڪي جلد تشخيص لاءِ اسڪريننگ ڪرائڻ چاهين ٿيون.
